ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس چيف مختلف معاملن جي جاچ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪل 22 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جن ۾ 7 انسپيڪٽر ۽ 3 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر شامل آهن.معطل ڪرڻ جو فيصلو انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ آفيسرن تي مختلف الزام لڳايا ويا هئا.آفيسرن چيو ته سڀني معطل آفيسرن ۽ اهلڪارن کي لاڳاپيل پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ رپورٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.سڀني معطل آفيسرن ۽ اهلڪارن کي روزانو هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.










