سيوھڻ:وڏو وزير والد جي ورسي تي ڳوٺ واھڙ پھتو،دعائيه تقريب

سيوھڻ:وڏو وزير والد جي ورسي تي ڳوٺ واھڙ پھتو،دعائيه تقريب

سيوھڻ: (ن س) وڏو وزير سيد مراد علي شاھ پنهنجي والد اڳوڻي وڏي وزير مرحوم سيد عبدالله شاھ جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي ڳوٺ واھڙ پھتو وڏي وزير پنهنجي والد مرحوم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح پڙهي.ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان لاءِ اھا وڏي ڪاميابيءَ جي ڳالھ آهي ته ايران ۽ آمريڪا گذريل 50 سالن کان ھڪ ٻئي سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه ھيا مگر پاڪستان جي بھتر پرڏيهي پاليسين جي ڪري ٻنھي ملڪن پاڪستان مٿان ڀروسو ڪيو جنهن ڪري اڄ 50سالن کانپوءِ ٻنهي ملڪن اسلام آباد ۾ اچي ھڪ ٻئي سان ڳالھيون ڪيون ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو سوال ناهي اميد آهي ته پاڪستان جي ميزباني ھيٺ ٻئي ملڪ ھڪ ڀيرو ٻيھر امن ڳالهيون ڪرڻ لاءِ لاءِ راضي ٿي ويندا. تيل جي وڌندڙ قيمتن بابت وڏي وزير چيو ته تيل عالمي منڊي ۾ مھانگو ملي رھيو آھي جيڪڏھن حڪومت تيل جي قيمتن ۾لاٿ ڪندي ته ملڪ مٿان قرض اڃان به وڌي ويندو ۽ ھر شھري وڌيڪ قرضي بنجي ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو