ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 13 کان 19 اپريل تائين پوليو جي خاتمي واري مهم لاءِ سيڪيورٽي پلان جاري ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب مهم دوران 7,536 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار، جن ۾ ليڊي پوليس به شامل آهي، مقرر ڪيا ويا آهن. 936 آفيسر ۽ اهلڪار اوڀر ضلعي ۾ ۽ 930 مغربي ضلعي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا. ڪراچي پوليس چيف جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ضلعي ۾ 466 آفيسر ۽ اهلڪار ۽ ڪياماڙي ضلعي ۾ 1,210 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. پوليو مهم دوران سينٽرل ضلعي ۾ 1,727، ملير ۾ 589 ۽ ڪورنگي ۾ 758 اهلڪار حفاظتي ڊيوٽي تي هوندا. ڪراچي پوليس چيف هدايت ڪئي آهي ته سڀئي زونل آفيسر سيڪيورٽي انتظامن جي سڌي نگراني کي يقيني بڻائين.










