ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته پاڪستان بهترين سفارتڪاري جي لحاظ کان مٿي آهي.تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪوششن سان عالمي امن لاءِ پاڪستان ۾ هڪ اجلاس ٿيو.فاروق ستار وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ ايران کي هڪ ئي ميز تي آڻڻ وڏي ڳالهه آهي، سڄي دنيا اسان جي بهترين سفارتڪاري جي ڳالهه ڪري رهي آهي، اسان جي معيشت جي بحالي شروع ٿي چڪي آهي.










