ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 24 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.ڪراچي ۾ اولهه ۽ ڏکڻ اولهه کان وهندڙ هوائن جي رفتار 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، جنهن ۾ نمي جو تناسب 70 سيڪڙو آهي.










