هٿيارن جي منتقلي ناڪام، وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گوليون هٿ

هٿيارن جي منتقلي ناڪام، وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گوليون هٿ

حيدرآباد (ن س) حيدرآباد پوليس غير قانوني ھٿيارن جي منتقلي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ، 5 جوابدار گرفتار ،وڏي مقدار ۾ ھٿيار ۽ گوليون ھٿ ايس ايڇ او عباس بجير جي اڳواڻي ۾ پوليس ڳجھي اطلاع تي قومي شاھراھ تي ڪارروائي ڪري ڪار ۽ مزدا کي روڪي ورتو.پوليس گاڏين جي تلاشي دوران 199شارٽ گنز، 361 پستول، 50 رائيفلز سميت ھزارين گوليون ھٿ ڪري ورتيون آھن، پوليس ڪارروائي دوران 5 جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آھي، گرفتار جوابدارن ۾ سڪندر آفريدي، ظفر شاھ، علي رضا شاھ، ڪاشف شاھ ۽ ڊرائيور عرفان ڪوريجو شامل آھن.ايس ايڇ او عباس بجير جو چوڻ آھي ته جوابدار ڪراچي کان ٽنڊو الھيار نجي گاڏين ۾ غير قانوني ھٿيار منتقل ڪري رھيا ھئا، گرفتار جوابدارن خلاف قلم 188 . 285 ۽ 286 قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو