زرداري  ۽ ڏيٿا برادري ۾ جهيڙو،هڪ ڄڻو مارجي ويو

زرداري ۽ ڏيٿا برادري ۾ جهيڙو،هڪ ڄڻو مارجي ويو

شهدادپور (ن س)ڏيٿا چوڪ تي زرداري ۽ ڏيٿا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان عرفان ڏيٿو ولد صاحب خان ڏيٿو زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آھي وارثن پاران لاش کي شھدادپور جي سمس اسپتال آندو ويو آھي جتي شھدادپور سمس اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو ـ وڏي تعداد ۾ ڏيتا برداري جا ماڻھو اسپتال جي احاطي ۾ پھچي ويا آھن جڏھن ته اھڙو اطلاح سندس گھر پھچڻ تي ڪھرام متل آھي شھدادپور پوليس موجب وارثن جي فرياد موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو شھدادپور پوليس 2 جوابدار لال بخش زرداري ۽ محبوب بروھي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو جڏھن ته واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ ھٿيار پڻ ھٿ ڪيو ويو آھي ـ

پهنجو تبصرو موڪليو