شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي دوران هڪ بدنام زمانه اشتهاري جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس چار ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. تفصيل موجب ٿاڻي نيوفوجداري پوليس رات دير سان شير محمد لاڙھو ڀرسان گشت دوران شڪي ماڻهن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، پر جوابدارن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. پوليس طرفان جوابي ڪارروائي ڪندي سخت فائرنگ جو ڏي وٺ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ خطرناڪ اشتهاري ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي جاءِ تان فرار ٿي ويا. پوليس موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ سعيد سعدخاناني نالي سان ٿي آهي، جيڪو مختلف سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو. جوابدار وٽان هڪ غير قانوني ڪلاشنڪوف ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن. زخمي جوابدار کي ترت طبي مدد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب گرفتار جوابدار شهيد صغیر سنجراني جي ڪيس ۾ به گهربل هو، جڏهن ته هو چوري، ڦر ۽ پوليس مقابلن سميت 30 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ ملوث رهيو آهي. وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار خانپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موٽر سائيڪل چوري ۽ ڦر جي ڪيترين وارداتن ۾ سرگرم رهيو آهي. زخمي گرفتار جوابدار ڪجهه عرصو اڳ قتل ٿيل گھوٽ الطاف مھر جي قتل ڪيس ۾ پڻ گهربل هو. پوليس جوابدار خلاف مقابلي ۽ هٿيار هٿ اچڻ جا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. ٻي پاسي ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ٽيم کي شاباس ڏيندي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.










