سجاول (ن س) سجاول باءِ پاس ڀٽي روڊ ڀرسان ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ اوچتو ٽڪر ٿيڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا۔زخمين ۾ ميرپور بٺورو واسي لاشاري برادري جو نوجوان، سندس گهرواري ۽ معصوم نياڻي شامل آهن، جيڪي حادثي بعد رت ۾ لت پت ٿي ويا۔مقامي ماڻهن ۽ سوشل ورڪرن انساني همدردي جو مظاهرو ڪندي زخمين کي ترت سول اسپتال سجاول منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن طرفان کين فوري طبي امداد فراهم ڪئي وئي۔هوڏانهن اکين ڏٺن شاهدن موجب ايمرجنسي سروس 1122 کي اطلاع ڏيڻ باوجود عملي جي غير سنجيده روَي سبب دير ٿي، عملي طرفان مدد بدران سوالن جو سلسلو جاري رکيو ويو، جنهن ڪري زخمين کي وقت سر ريسڪيو نه ملي سگهيو ۽ هو تڪليف ۾ تڙپندا رهيا۔واقعي بعد شهرين ۽ سماجي ڌرين پاران ايمرجنسي سروسز جي ڪارڪردگي تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي سڌاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔










