سنڌ حڪومت فلاحي منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد ڪري پئي

سنڌ حڪومت فلاحي منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد ڪري پئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ مختلف فلاح و بهبود جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته موٽر سائيڪلن تي سبسڊي نوجوانن ۽ محنت ڪش طبقي لاءِ هڪ اهم سهولت آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سنڌ جي سبسڊي پروگرام تحت هينئر تائين 1 لک 31 هزار 325 ماڻهن سبسڊي لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آهن، جڏهن ته 40 هزار ماڻهو ڪاميابي سان سبسڊي مان فائدو حاصل ڪري چڪا آهن۔ هن چيو ته هينئر تائين 9 هزار 800 موٽر سائيڪلون مستحق ماڻهن جي نالي منتقل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هڪ لک 11 هزار درخواستون هن وقت تصديق جي مرحلي ۾ آهن۔ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سڀني درخواستن جي جاچ پڙتال هڪ شفاف ۽ منظم نظام تحت ڪئي پئي وڃي، ۽ سنڌ حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ اهڙا منصوبا جاري رکندي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو