ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ پوليس مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شاهراهه نور تي شادمان ٽائون ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيل ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو. فائرنگ جي تبادلي دوران ڌاڙيل موقعي تي ئي مارجي ويو. فوت ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فوت ٿيل جوابدار جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فوت ٿيل جوابدار جي قبضي مان هٿيار، موبائل فون، پرس ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي ۽ جاچ جو دائرو وڌايو پيو وڃي ۽ سندس ٻين ساٿين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.










