متاثر روڊن جي فوري بحالي يقيني بڻائي وڃي،ناصر شاهه

متاثر روڊن جي فوري بحالي يقيني بڻائي وڃي،ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاه اربع جي ڏينهن شهر جي مختلف علائقن جو هنگامي ۽ تفصيلي دورو ڪيو، جنهن دوران هن جاري ترقياتي ۽ مرمتي ڪمن، سڙڪن جي خراب حالت ۽ تازين برساتن کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو۔ ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جو خصوصي معاون نجمي عالم، ٽائون چيئرمين فرحان غني، ڊي جي ڪي ڊي اي، ڊائريڪٽر ميگا پروجيڪٽس ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ موجود هئا۔ صوبائي وزير ملير هالٽ، ملير ڇاؤني روڊ، يونيورسٽي روڊ، ڪشمير روڊ، طارق روڊ ۽ جناح ايونيو سميت شهر جي اهم شاهراهن جو دورو ڪيو ۽ مختلف هنڌن تي جاري ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي، معيار ۽ رفتار جو تفصيلي جائزو ورتو۔ دوري دوران جناح ايونيو ۽ طارق روڊ تي سڙڪن جي ڌنسڻ وارن واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي هن متاثر هنڌن جو موقع تي جائزو ورتو، جتي سڙڪ ويهڻ سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي ۽ ڪيترائي گاڏيون ڦاسي ويون۔ حڪام بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته برساتي پاڻي جي وقت سر نيڪالي نه ٿيڻ ۽ زيرِزمين ڍانچي جي ڪمزوري سبب سڙڪون متاثر ٿيون، جڏهن ته هنگامي بنيادن تي مرمتي ڪم شروع ڪيا ويا آهن۔ صوبائي وزير بلديات جناح ايونيو ۽ ملير هالٽ روڊ تي جاري بحالي جي ڪم جو معائنو ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته متاثر سڙڪن جي فوري بحالي يقيني بڻائي وڃي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي۔ هن چيو ته نيڪاسي آب جي نظام کي مؤثر بڻائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ متبادل رستن تي به ڪم تيز ڪيو وڃي۔ ان موقعي تي ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ٻين عملدارن وزير کي شهر ۾ جاري ميگا پروجيڪٽس، سڙڪن جي تعمير ۽ مرمت، ڊرينيج سسٽم جي بهتري ۽ ملير هالٽ انڊر پاس جي تعمير بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته منصوبا مختلف مرحلن ۾ آهن ۽ ڪجهه هنڌن تي ڪم وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي ته جيئن شهرين کي جلد رليف ملي سگهي۔ سيد ناصر حسين شاه طارق روڊ تي ڌنسيل سڙڪ جي مرمتي ڪم جو خاص معائنو ڪندي واضح هدايتون جاري ڪيون ته ڪم جي معيار تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو وڃي ۽ جديد انجنيئرنگ تقاضائن کي نظر ۾ رکي مستقل بنيادن تي حل فراهم ڪيو وڃي۔ هن چيو ته عارضي مرمت بدران پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي اختيار ڪئي وڃي ته جيئن بار بار سڙڪن جي خراب ٿيڻ جو مسئلو ختم ٿي سگهي۔ صوبائي وزير زور ڀريو ته سڀني ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت، معيار ۽ بروقت تڪميل کي هر صورت يقيني بڻايو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارا پاڻ ۾ رابطو وڌيڪ مؤثر بڻائن۔ هن خبردار ڪيو ته ڪنهن به قسم جي غفلت، سستي يا دير هرگز برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ذميوار آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز آهي ۽ ان جي انفراسٽرڪچر جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي۔ شهرين کي بهتر سفري سهولتون، محفوظ سڙڪون ۽ مؤثر نيڪاسي آب فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن۔ هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ هيلپ لائينز کي فعال بڻايو وڃي ۽ فيلڊ ۾ نگراني جي نظام کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي ته جيئن ترقياتي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي فوري طور سامهون اچي سگهي۔ دوري دوران صوبائي وزير ڪجهه هنڌن تي ڪم جي سست رفتاري تي ناراضگي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي موقعي تي ئي ڊيڊ لائنون ڏيندي هدايت ڪئي ته مقرر وقت اندر ڪم مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي۔ هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم جاري رهندا ۽ شهرين کي جلد بهتري محسوس ٿيندي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو