ڪراچي مبينا پوليس مقابلو، 4 زخمين سميت 5 شڪي گرفتار

ڪراچي مبينا پوليس مقابلو، 4 زخمين سميت 5 شڪي گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گذريل رات ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مبينا مقابلن دوران پوليس پنج شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ چار زخمي به شامل آهن.لياقت آباد پوليس چونا ڊيپو ويجهو فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ ٻن شڪي ماڻهن بلال احمد عرف بالي ۽ سلمان کي گرفتار ڪيو. عزيز آباد پوليس گلشن شميم بلاڪ 8 ويجهو مبينا مقابلي کان پوءِ شڪي نور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.عزيز ڀٽي پوليس عزيز ڀٽي پارڪ ويجهو شڪي موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي شڪي ماڻهن فائرنگ ڪئي. جوابي ڪارروائي کان پوءِ پوليس ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ هڪ زخمي به شامل آهي.گرفتار شڪي ماڻهن جي سڃاڻپ ارباب ۽ سڪندر جي نالي سان ڪئي وئي آهي. گرفتار سڀني شڪي ماڻهن جي قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل سامان ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو