ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ميٽرڪ بورڊ سالياني امتحانن جي تاريخ وڌائي ڇڏي آهي.ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين موجب، سالياني ميٽرڪ جا امتحان هاڻي جمعي 10 اپريل کان ٿيندا.پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته امتحان وقت تي ايڊمٽ ڪارڊ نه ملڻ سبب ملتوي ڪيا ويا.ياد رهي ته ميٽرڪ جا سالياني امتحان 7 اپريل کان شروع ٿيڻا هئا، پر پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو هو ته امتحاني مرڪز اڃا تائين حتمي نه ٿيا آهن ۽ نه ئي ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي.پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن وڌيڪ چيو هو ته امتحاني مواد نه پهچايو ويو آهي ۽ امتحاني مرڪزن جي خبر ناهي، جڏهن ته ٻيا انتظام به نامڪمل آهن.










