ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پرائيويٽ اسڪولز الائنس 7 اپريل کان شروع ٿيندڙ ميٽرڪ امتحانن کي ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پرائيويٽ اسڪولز الائنس ميٽرڪ امتحانن کي ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته امتحاني مرڪزن کي اڃا تائين حتمي شڪل نه ڏني وئي آهي، ۽ نه ئي ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي.تنظيم وڌيڪ چيو ته امتحاني مواد نه پهچايو ويو آهي، نه ئي امتحاني مرڪزن جي خبر آهي، جڏهن ته ٻيا انتظام پڻ نامڪمل آهن.ٻئي طرف، تعليمي بورڊ جي ترجمان چيو آهي ته ميٽرڪ امتحانن لاءِ سڀئي انتظام مڪمل آهن، ايڊمٽ ڪارڊ بورڊ آفيس جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.تعليم بورڊ جي ترجمان موجب، پرائيويٽ اميدوارن جا ايڊمٽ ڪارڊ انهن جي رهائشي پتن تي موڪليا ويا آهن. بورڊ آفيس آچر تي به کليل رهندو، ۽ ڪجهه اميدوار جيڪي داخلا حاصل نه ڪري سگهيا آهن اهي بورڊ آفيس جي ڪمرو نمبر 5 سان رابطو ڪن.










