ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ تيز رفتار ڪار جي فٽ پاٿ سان ٽڪر سبب هڪ نوجوان فوت ۽ سندس ساٿي زخمي ٿي پيو. حادثو گلشن اقبال لياري ايڪسپريس وي پل تي تيز رفتاري سبب پيش آيو. اطلاع تي امدادي ٽيمون ۽ پوليس اهلڪار به موقعي تي پهچي ويا. فوت ٿيل جي لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل جي سڃاڻپ 25 سالن جي حمزه ۽ زخمي جي نالي سان معاويه طور ٿي آهي. ضروري ڪارروائي کانپوءِ فوت ٿيل حمزه جي لاش کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو.










