ميهڙ ۾  معمولي ڳالهه جهيڙو، 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي

ميهڙ ۾ معمولي ڳالهه جهيڙو، 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي

ميھڙ (رپورٽر) ٻه مھينا اڳ راڌڻ شهر ۾ فضل فقير جي ميلي ۾ معمولي ڳالھ تان ٿيل سولنگي ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي تان هٿياربندن جو حملو، 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي ٿي پيا. 2 مهينا اڳ فضل فقير جي ميلي ۾ معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي خوني جهيڙي جي صورتحال اختيار ڪري ورتو.هٿياربندن سرن جي بٺي تي حملو ڪري ڏنو. هٿياربندن جي فائرنگ دوران سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ علي گل پٽ گلاب سولنگي ۽ صابر سولنگي گولين جو بک بڻجي ويا جيڪي موقعي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته شفيع محمد سولنگي ۽ محمد جمن سولنگي سخت زخمي ٿي پيا.زخمي ۽ مقتولن کي تعلقه اسپتال ميھڙ پهچايو ويو زخمين کي فوري طبي امداد ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آخري اطلاع ملڻ تائين راڌڻ ٿاڻي تي ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو