ممبئي: (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سونم ڪپور پنهنجي ٻئي پٽ کي جنم ڏنو آهي.سونم ڪپور فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام ذريعي پنهنجي گهر ۾ ننڍڙي مهمان جي آمد جي خوشخبري شيئر ڪئي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اسان کي 29 مارچ 2026 تي پنهنجي پٽ جي پيدائش جو اعلان ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي.اداڪارا لکيو ته اسان جو خاندان وڌيو آهي ۽ اسان جا دل به اسان جي پٽ جي آمد سان خوبصورت انداز ۾ وڌيا آهن.هن لکيو ته وايو پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ جو استقبال ڪندي تمام گهڻو خوش آهي ۽ اسان هن قيمتي نئين زندگي جي آمد تي تمام گهڻو خوش آهيون جنهن اسان جو گهر خوشي ۽ وقار سان ڀريو آهي. اسان هن نئين خوبصورت باب جي شروعات لاءِ شڪرگذار آهيون.










