ميرپور خاص: (ن س ) ميرپور خاص ۾ ٻن موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ ٻه نوجوان فوت ۽ هڪ سخت زخمي ٿي پيو.حادثو ميرواه گورچاڻي ويجهو پيش آيو. حادثي جي نتيجي ۾ 25 سالن جو امام بخش پٽ پير بخش جوڻيجو، 20 سالن جو عبدالستار پٽ جوڊيو جوڻيجو، سيد نبن شاهه جا رهواسي ۽ 16 سالن جو سنيل پٽ ورشي ڀيل، ڳوٺ مير ولي محمد ٽالپر جا رهواسي سخت زخمي ٿي پيا.اطلاع ملڻ تي ڊگري پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽنهي زخمين کي فوري طور تي لاڳاپيل هيڊ ڪوارٽر اسپتال ميرواه گورچاڻي منتقل ڪيو. سخت زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن انهن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمي امام بخش پٽ پير بخش جوڻيجو سول اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سنيل پٽ ورشي ڀيل سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪرڻ دوران فوت ٿي ويو.پوليس عملدارن وڌيڪ چيو ته فوت ٿيل نوجوانن جا لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ انهن جي وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته حادثي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.










