گمبٽ: (ن س) گمبٽ ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي گدرن سان ڀريل مزده بريڪ فيل ٿيڻ سبب سم نالي ۾ ڪري پئي، حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي پيا جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ مزده ڊرائيور ٻڌايو ته هو پنجاب طرف وڃي رهيا هئا ته بريڪ فيل ٿيڻ سبب مزده ڪلٽي ٿي سم نالي ۾ ڪري پئي، حادثي جو شڪار بڻيل مزده ۾ 11 مزدور چڙهيل هئا جن مان هڪ مزدور ۽ سندس 12 سالن جو پٽ فوت ٿي ويا جڏهن ته 9 مزدور زخمي ٿي پيا.
زخمين کي حد جي پوليس گمس اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته موقعي تي موجود موٽروي ۽ حد جي پوليس ايڪسيويٽر مشين گهرائي مزده کي ٻاهر ڪڍيو ۽ پاڻي مان لاش هٿ ڪري اسپتال منتقل ڪيا.










