جيڪب آباد: (ن س) ڪوئيٽا روڊ تي هڪ خانگي طبي مرڪز ۾ ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. مقتول جي وارثن نوجوان جي لاش کي قومي شاهراهه تي رکي واقعي خلاف احتجاج ڪيو. مظاهرين الزام لڳايو ته نوجوان جو موت معمولي آپريشن دوران ڊاڪٽر جي غفلت سبب ٿيو. غفلت ۾ ملوث ڊاڪٽر محمد علي انصاري کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي. فوت ٿيل نوجوان جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










