ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي سب ڪميٽي براءِ ڪڻڪ پاليسي جي ميمبرن، صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان، صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا ۽ مشير بحالي گيان چند اسراني گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت جي ڪڻڪ خريداري بابت پاليسي جو اعلان ڪيو آهي۔صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ حڪومت هلندڙ سيزن دوران 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي جڏهن ته ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 3500 رپيا في 40 ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي۔ هن ٻڌايو ته ڪڻڪ خريداري جو عمل پهرين اپريل کان صوبي جي 109 مقرر ڪيل خريداري مرڪزن تي شروع ڪيو ويندو۔ هن چيو ته هن ڀيري پهريون ڀيرو ڪڻڪ خريداري صرف رجسٽرڊ هاري ڪارڊ هولڊرز کان ڪئي ويندي، جنهن سان خريداري جي عمل ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ سڌي طرح هارين کي فائدو پهچائڻ کي يقيني بڻايو ويندو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن پاليسي تحت تقريبن 3 لک 30 هزار رجسٽرڊ هاري فائدو حاصل ڪندا۔ مخدوم محبوب الزمان چيو ته حڪومت هن ڀيري باردانو فراهم نه ڪندي، جڏهن ته هاري پنهنجو باردانو پاڻ آڻيندا، جنهن جي بدلي ۾ حڪومت کين 60 رپيا في بوري جي حساب سان ادائيگي ڪندي، جيڪا سنڌ بئنڪ ذريعي سڌي طرح هارين جي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪئي ويندي۔ هن قدم سان خريداري جي عمل کي آسان، تيز ۽ شفاف بڻايو ويندو۔ صوبائي وزير خوراڪ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 84 ارب رپين جي وڏي سبسڊي ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ رمضان المبارڪ دوران ڪڻڪ ۽ اٽي جي فراهمي کي شفاف نموني يقيني بڻايو ويو ۽ عوام کي سستي اگهه تي اٽو مهيا ڪيو ويو۔ هن چيو ته حڪومت بي ضابطگين خلاف سخت قدم کڻندي 43 آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا، 22 آفيسرن کي معطل، 9 کي نوڪري مان برطرف ۽ 6 ڪيس اينٽي ڪرپشن اداري ڏانهن موڪليا، جنهن سان احتساب جو نظام وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي۔صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته خوراڪ کاتي وٽ 12 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو مڪمل ڊيٽا موجود هو ۽ ميڊيا ۾ ڪڻڪ چوري بابت خبرون بي بنياد آهن۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ خريد ڪري ان کي محفوظ رکيو هو، جيڪا رمضان دوران عوام جي ضرورت مطابق جاري ڪئي وئي، جڏهن ته هن وقت به لڳ ڀڳ 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي جنهن کي حڪمت عملي تحت استعمال ڪيو ويندو۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ساليانو تقريبن 43 لک ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ٿيندي آهي ۽ موجوده پاليسي خاص طور تي ننڍن آبادگارن جي تحفظ ۽ سهولت لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، جن کي اڳ ۾ به ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جي صورت ۾ سبسڊي فراهم ڪئي وئي هئي۔ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته هاري ڪارڊ اسڪيم هارين لاءِ فائديمند ثابت ٿي آهي، جنهن ذريعي انهن کي ڀاڻ ۽ ٻين سهولتن ۾ سڌو فائدو مليو آهي، ۽ هاڻي ساڳي نظام تحت ڪڻڪ خريداري به ڪئي ويندي ته جيئن اصل آبادگار مستفيد ٿي سگهن۔صوبائي وزير خوراڪ اعلان ڪيو ته خوراڪ ۽ زراعت کاتن جي وچ ۾ هڪ مشترڪ ڊجيٽل ويب سائيٽ قائم ڪئي ويندي، جنهن سان ڪڻڪ خريداري، ڊيٽا مينيجمينٽ ۽ شفافيت کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو۔ هن چيو ته هي پاليسي سنڌ حڪومت جي قيادت جي ويزن مطابق تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد ادارن کي مضبوط بڻائڻ، هارين کي سڌو فائدو ڏيڻ، خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي سستي اگهه تي اٽو مهيا ڪرڻ آهي۔










