نوابشاهه: (ن س) نوابشاهه ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ٻه فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اسڪرنڊ ۾ موٽرسائيڪل ڦرڻ دوران پوليس مقابلو ٿيو. اوندهه جو فائدو وٺندي ٻه ڌاڙيل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. زخمي ڌاڙيل کي طبي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ فرار ٿيل جوابدار کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.










