ڪراچي (ن س )ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مون لائيٽ نائيٽ جي موقعي تي هوائي فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ 9 ٿي ويو آهي، جن ۾ هڪ ڇوڪري ۽ هڪ پوليس آفيسر شامل آهن.ريسڪيو اختيارين موجب ڪياماڙي ڊاڪس ڪالوني ۾ هڪ گهر ۾ اڻڄاتل طرف کان گولي لڳڻ سبب 7 سالن جو عبدالرحمان زخمي ٿي پيو، لانڍي دائود چورنگي ۾ رضا مارڪيٽ ويجهو 8 سالن جو ارحم زخمي ٿيو، ۽ نصرت ڀٽو ڪالوني ۾ جوزف چرچ ويجهو هڪ گهر ۾ اڻڄاتل طرف کان گولي لڳڻ سبب 32 سالن جو ساجن زخمي ٿي پيو.سپر هاءِ وي، جنجال ڳوٺ تي هڪ گهر ۾ 8 سالن جي ٻارڙي ثمرين کي نامعلوم طرف کان گولي هڻي ماريو ويو. نارٿ ناظم آباد عبدالله ڪاليج، ماڙي پور مچھر ڪالوني، لياري بغدادي ۽ لانڌي دائود چالي ۾ هوائي فائرنگ ۾ شهري به زخمي ٿيا.اورنگي ٽائون قصبه ڪالوني ۾ نامعلوم طرف کان گولي لڳڻ سبب پوليس آفيسر دلدار خان زخمي ٿي پيو.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.










