ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 51 هين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) پاليسي بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي سنڌو درياهه تي هڪ نئون پل تعمير ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪو سکر، روهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي وچ ۾ نئون رابطو فراهم ڪندو تھ جيئن ھاڻوڪن رستن تي ٽرئفڪ جو دٻاءُ گھٽائي سگھجي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن؛ سيد ناصر حسين شاهه، ضياءُ الحسن لنجار، وڏي وزير جو خاص صلاحڪار سيد قاسم نويد، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري ٽو سي ايم آغا واصف عباس، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو خالد حيدر شاهه، مڪاني ادارن وارو سيڪريٽري وسيم شمشاد، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سيڪريٽري قانون ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهم انفراسٽرڪچر رٿائن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم سڌارن جي پڻ منظوري ڏني.
نئون سکر–روهڙي پل:
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سکر ۽ روهڙي هڪ گڏيل شهري ۽ معاشي رستو بڻجي چڪا آهن، جتي روهڙي، صالح پٽ ۽ پنو عاقل جا لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو رهواسي روزگار، تعليم، صحت ۽ واپاري سرگرمين لاءِ سکر وڃن ٿا. هن وقت مکيه گذرگاهه لينس ڊائون پل آهي، جڏهن ته سکر بئراج پڻ مددگار آهي، پر مرمت سبب سکر بئراج گهٽ ۾ گهٽ 2027ع تائين عوامي آمدورفت لاءِ بند رهندو. وڏي وزير موجب هڪ مطالعي مان ڄاڻ حاصل ٿي آھي تھ روزانو 30 هزار کان وڌيڪ گاڏيون لينس ڊائون پل استعمال ڪن ٿيون، ان جي تاريخي حيثيت ۽ پراڻي ڍانچي سبب ڳري ٽرئفڪ، خاص ڪري اين فائيو ۽ ايم فائيو شاهراهن ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ کي هن پل تي هلڻ جي اجازت ناهي. ان صورتحال سبب رش جي وقتن ۾ سخت دٻاءُ ۽ ٽرئفڪ جام ٿئي ٿي، جنهن ڪري ايمرجنسي طبي سهولتون ۽ فائر برگيڊ جهڙيون خدمتون به متاثر ٿين ٿيون. انهن مسئلن جي حل لاءِ وڏي وزير نئين سکر–روهڙي پل رٿا لاءِ پروجيڪٽ ڊيولپمينٽ فيسيلٽي (پي ڊي ايف) جي منظوري ڏني ته جيئن ماهر صلاحڪارن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن، سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ھن ٿا کي پي پي پي ماڊل تحت مڪمل ڪندو. هيءَ پل بکر ٻيٽ جي اتر ڏانھن اٽڪل 1.5 ڪلوميٽر ڊگھي، گهڻ قطار (ملٽي لين) هوندي، جنهن ۾ ڳري تجارتي گاڏين لاءِ گنجائش ۽ پيادل هلندڙن لاءِ الڳ رستا شامل هوندا.
شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي تي اڳڀرائي:
پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) بورڊ اجلاس ۾ 39 ڪلوميٽر ڊگهي شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جو جائزو ورتو ويو، شاهراهه ڀٽو هن وقت 88.2 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته شاهراهه ڀٽو کي اپريل 2026ع تائين مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي. ان کان سواءِ سمون ڳوٺ ڀرسان 4.5 ڪلوميٽر اوچي حصي تي شمسي توانائي سان هلندڙ اسٽريٽ لائٽن جي لڳائڻ ۽ 25 سالن جي سار سنڀال جي به منظوري ڏني وئي ته جيئن سيڪيورٽي ۽ محفوظ سفر کي يقيني بڻائي سگهجي،
ڪاٺوڙ انٽرچينج:
پي پي پي بورڊ ڪاٺوڙ انٽرچينج جي فزيبلٽي اسٽڊي ۽ تفصيلي ڊيزائن لاءِ ٺيڪي جي منظوري ڏني، جنهن جو مقصد ايڪسپريس وي جي آخري پوائنٽ تي بهتر رابطو فراهم ڪرڻ آهي.
پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) بورڊ پاليسي ۾ اهم سڌارا:
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) بورڊ نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش بڻائڻ لاءِ ڪيترن اهم فيصلن جي منظوري ڏني. بورڊ انفراسٽرڪچر منصوبن ۾ غير معمولي ٻولين (abnormal bids) جي جاچ لاءِ نوان ضابطا منظور ڪيا، جن تحت تخميني لاڳت کان 15 سيڪڙو وڌيڪ يا گهٽ ٻوليون رد ڪيون وينديون ته جيئن مالي نظم برقرار رهي. ساڳيءَ ريت نجي شعبي طرفان پيش ڪيل منصوبن (unsolicited proposals) لاءِ به باقاعده طريقيڪار منظور ڪيو ويو. ان ۾ ”رائٽ آف فرسٽ ريفيوزل“(ROFR) جو نظام شامل آهي، جنهن تحت جيڪڏهن شروعاتي ٻولي ڏيندڙ ڪامياب ٻولي ڏيندڙ نه بڻجي، پر ان جي ٻولي ڪامياب ٻولي کان 20 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجي ته اهو يا ته برابر ٻولي ڏئي سگهي ٿو يا منصوبي جي تياري جا خرچ واپس وٺي سگهي ٿو (وڌ ۾ وڌ 10 ڪروڙ رپيا يا ڪل لاڳت جو ھڪ سيڪڙو، جيڪو گهٽ هجي). انهن اپائن جو مقصد شفافيت وڌائڻ، نجي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ سنڌ ۾ پائيدار انفراسٽرڪچر ترقي کي يقيني بڻائڻ آهي.










