ڪيماڙي پوليس جون ڪارروايون، مختلف هنڌن تي ڇاپا

ڪيماڙي پوليس جون ڪارروايون، مختلف هنڌن تي ڇاپا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪيماڙي پوليس ڏوهارين خلاف پنهنجو ڪريڪ ڊائون جاري رکيو ۽ مختلف علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪيا.
ترجمان موجب ڪيماڙي پوليس آفيسر ۽ اهلڪار، ٽيڪنيڪل اسٽاف ۽ عورت پوليس اهلڪار پڻ سرچ آپريشن دوران موجود هئا. ڪيماڙي پوليس، عورت پوليس سان گڏ، گهرن جي تلاشي ورتي ۽ عارضي رهائش ايڪٽ تحت ڪرائي جي رسيدون چيڪ ڪيون. شڪي ماڻهن جو اڳوڻو مجرمانه رڪارڊ پڻ ٽيڪنيڪل سرچ ڊيوائس ذريعي چيڪ ڪيو ويو.ڪيماڙي پوليس ڏوهارين خلاف پنهنجون ڪارروايون جاري رکي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو