قرض پروگرام جي چوٿين قسط لاءِ ڳالهيون اڄ کان شروع

قرض پروگرام جي چوٿين قسط لاءِ ڳالهيون اڄ کان شروع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام جي چوٿين قسط لاءِ ٽئين جائزي جون ڳالهيون اڄ کان شروع ٿينديون.آءِ ايم ايف ٽيم ڪراچي ۾ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان سان ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون شروع ڪندي. ٽيڪنيڪل ڳالهين کان پوءِ، ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان پاليسي سطح جون ڳالهيون ٿينديون.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف مشن موجوده مالي سال جي پهرين اڌ (جولاءِ کان ڊسمبر) دوران اقتصادي ڪارڪردگي ۽ مقرر ڪيل هدفن ۾ پيش رفت جو جائزو وٺندو.مشن کي ٽيڪس سڌارن، توانائي جي شعبي، مالي پاليسي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.پاڪستان ٽيڪس آمدني ۾ 330 ارب رپين جي گهٽتائي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان آءِ ايم ايف کي پي آءِ اي سميت نجڪاري پروگرام ۾ پيش رفت بابت آگاهه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو