اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومتي وفد ۽ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي جي هن هفتي ملاقات جو امڪان آهي.ذريعن موجب، ملاقات ۾ چونڊ سڌارن سميت اهم معاملن تي بحث ڪيو ويندو. مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي پي ٽي آءِ قيادت کي حڪومت جي رابطن بابت آگاهه ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ چيمبر رابطن دوران جلد چونڊن تي به ابتدائي ڳالهيون ٿيون.ذريعن موجب، پيپلز پارٽي کي اڃا تائين مخالف ڌر اڳواڻ سان حڪومت جي رابطن بابت اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي. مخالف ڌر اڳواڻ مستقبل جي رابطن ۾ سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪندو.










