اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي علاج ۽ آزادي لاءِ پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري آهي.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ ٻن هنڌن تي ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته پارليامينٽ جي احاطي ۾ رکيل ڌرڻي جي اڳواڻي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ڪري رهيو آهي.سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر علامه راجا ناصر عباس، چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر خان، اسد قيصر ۽ سينيٽر پارليامينٽ جي ڌرڻي ۾ موجود آهن.خيبرپختونخوا هائوس جي مين گيٽ تي به ڌرڻو جاري آهي جڏهن ته قيدين جون وڌيڪ وينون پهچايون ويون آهن، ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪي پي هائوس جي ڌرڻي ۾ موجود آهي.










