يو اي اي جي سلامتي پاڪستان جي سلامتي جو لازمي جز قرار

يو اي اي جي سلامتي پاڪستان جي سلامتي جو لازمي جز قرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارات جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي جو هڪ لازمي حصو آهي.هن اهو اظهار يو اي اي جي ڊپٽي حڪمران ۽ قومي سلامتي صلاحڪار سان ملاقات دوران ڪيو، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ابو ظهبي ۾ شيخ طحنون بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ باهمي تعاون تي بحث ڪيو ويو، خاص طور تي معيشت، سيڙپڪاري ۽ سيڪيورٽي معاملن ۾. ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال، امن ۽ سيڪيورٽي کي فروغ ڏيڻ لاءِ مسلسل رابطن تي زور ڏنو، فيلڊ مارشل يو اي اي جو پاڪستان جي مسلسل حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هي تعاون ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري تاريخي لاڳاپن جو مظهر آهي، فيلڊ مارشل پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ اماراتي قيادت جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو