صدر ۽ وزيراعظم پاران طارق رحمان کي ڪاميابي تي مبارڪباد

صدر ۽ وزيراعظم پاران طارق رحمان کي ڪاميابي تي مبارڪباد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي اڳواڻ طارق رحمان کي بنگلاديش جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.صدر آصف علي زرداري بنگلاديش جي عوام کي 299 سيٽن تي چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد پڻ ڏني آهي.هن چيو ته هو نئين بنگلاديشي حڪومت سان واپار، دفاع، ثقافت ۽ علائقائي فورمن ۾ تعاون جي منتظر آهي، ۽ بنگلاديش ۾ چونڊون ڏکڻ ايشيا لاءِ ماضي کان اڳتي وڌڻ جو هڪ موقعو آهن.پاڪستان جي صدر چيو آهي ته ڍاڪا ۾ نئون سياسي ماحول خطي ۾ متوازن، آزاد ۽ باهمي احترام واري لاڳاپن کي فروغ ڏيندو.هن بنگلاديش جي مسلسل استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف، طارق رحمان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هو بنگلاديش جي نئين قيادت سان تاريخي، ڀائراڻي ۽ گهڻ رخي ٻطرفي لاڳاپن جو منتظر آهي.هن چيو ته عوام پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن جا فائدا حاصل ڪندا.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل تعاون ذريعي ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن لاءِ ڪم ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو