اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ جعلي مينڊيٽ ذريعي جعلي حڪومت ٺاهي وئي، موجوده حڪومت جمهوريت تي مذاق آهي.اسلام آباد ۾ جي يو آءِ-ايف يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي دوست ملڪ عالمي واپار لاءِ پاڪستان کي چونڊيو، اسان کي شڪايت هئي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ سي پيڪ منصوبو روڪيو ويو، موجوده حڪومت ۾ هڪ به ايٽ نه لڳائي وئي.مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ جعلي مينڊيٽ ذريعي جعلي حڪومت ٺاهي وئي، توهان شفاف طريقي سان حڪومت ٺاهيو، اسان ان کي ضرور قبول ڪنداسين.هن چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار ختم ٿي رهيو آهي، پاڪستانين جي محنت ۽ سرمايو ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃي رهيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته هو الزام تراشي جي سياست نٿو ڪري، سندس انداز ۾ ڪا انتها پسندي ناهي، اعتدال ۽ عقل آهي، 8 فيبروري جا نتيجا معاشي ۽ سيڪيورٽي ناڪامي جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن.










