ڊار سان ايراني ۽ روسي سفيرن جي ملاقات، دهشتگردي جي مذمت

ڊار سان ايراني ۽ روسي سفيرن جي ملاقات، دهشتگردي جي مذمت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ روسي سفير البرٽ پي خوريو ۽ ايراني سفير رضا اميري مقدم پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي ۽ اسلام آباد ڌماڪي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.پرڏيهي آفيس چيو ته اسحاق ڊار ۽ روسي سفير جي ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني پهلوئن جو جائزو ورتو ويو.ان موقعي تي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. روسي سفير مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.ترجمان چيو ته هر قسم جي دهشتگردي خلاف پاڪستان جي غير متزلزل عزم کي ورجايو ويو. بعد ۾، ايراني سفير رضا اميري مقدم پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ امام بارگاهه ۾ ڌماڪي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.هن موقعي تي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار دهشتگردي جي هر قسم ۽ مظهر خلاف پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو.پرڏيهي آفيس موجب، ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ باهمي تعاون وڌائڻ تي بحث ڪيو ويو. اسحاق ڊار ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو.

پهنجو تبصرو موڪليو