اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ريلوي کاتي ڪوئيٽا کان پشاور تائين جعفر ايڪسپريس ۽ چمن کان چمن مسافر ٽرين کي اڄ کان بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي ٽرينون اڄ کان پنهنجي مقرر وقت تي روانيون ٿينديون.ريلوي عملدارن موجب، ريلوي کاتي پنج ڏينهن کان معطل جعفر ايڪسپريس کي اڄ کان پشاور تائين بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جعفر ايڪسپريس 5 فيبروري تي صبح 9 وڳي پشاور لاءِ رواني ٿيندي.ريلوي عملدارن موجب، چمن لاءِ چمن مسافر ٽرين پڻ خميس ڏينهن صبح 8 وڳي رواني ٿيندي، جڏهن ته، ڪراچي کان ڪوئيٽا تائين بولان ميل 12 فيبروري تائين منسوخ رهندي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته بلوچستان ۾ عدم تحفظ جي واقعن سبب ملڪ جي اندروني علائقن ڏانهن ٽرين سروس 31 جنوري کان معطل هئي.










