سينيٽ جو اجلاس طلب، 23 نڪاتي ايجنڊا جاري

سينيٽ جو اجلاس طلب، 23 نڪاتي ايجنڊا جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽ جو اجلاس اڄ شام 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.سينيٽ سيڪريٽريٽ ايوان بالا جي اجلاس لاءِ 23 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ وفاقي ملازمن جي خيراتي فنڊ ۽ گروپ انشورنس ترميمي بل، آئيني ترميمي بل، 2026 پيش ڪيو ويندو.فوجداري قانونن جي ترميمي بل، 2023 ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي ترميمي بل، 2024 پڻ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل آهن.ان کان علاوه، اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي ترميمي بل، 2024 ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ ترميمي بل، 2024 پڻ پيش ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو