ايف سي هيڊ ڪوارٽرز حملي ڪيس جا سهولتڪار افغان شهري نڪتا

ايف سي هيڊ ڪوارٽرز حملي ڪيس جا سهولتڪار افغان شهري نڪتا

پشاور: (ويب ڊيسڪ) فيڊرل ڪانسٽيبلري(ايف سي) هيڊ ڪوارٽر پشاور ۽ آپگهاتي ڌماڪن جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.جاچ اختيارين موجب ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪندڙ آپگهاتي بمبارن جي سهولتڪارن جو تعلق به افغانستان سان آهي. اختيارين ٻڌايو آهي ته آپگهاتي ڌماڪن جي منصوبه بندي افغانستان ۾ ٿي واقعي بابت اهم گرفتاريون به عمل ۾ آنديون ويون آهن.ياد رهي ته فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تي حملو گذريل سال 24 نومبر تي ٿيو هو. حملي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جا 3 جوان شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا هئا. دهشتگردن جي حملي ۾ 8 شهري به زخمي ٿيا هئا. جاچ اختيارين موجب ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ڪندڙ ٽئي آپگهاتي بمبار افغان شهري هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو