آزاد ڄمون ۽ ڪشمير صدر بئريسٽر سلطان محمود لاڏاڻو ڪري ويو

آزاد ڄمون ۽ ڪشمير صدر بئريسٽر سلطان محمود لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود لاڏاڻو ڪري ويو.بئريسٽر سلطان محمود ڪيترن ئي مهينن کان بيمار ۽ علاج هيٺ هو. بئريسٽر سلطان محمود جگر جي ڪينسر جي ڪري اسلام آباد ۾ علاج هيٺ هو، جتي اڄ سندس انتقال ٿي ويو.بئريسٽر سلطان محمود چوڌري 71 سالن جي عمر ۾ هو ۽ آگسٽ 2021 کان صدر جو عهدو سنڀالي رهيو هو.آزاد ڪشمير جي صدر جي جنازي نماز سڀاڻي 3 وڳي کڙي شريف، ميرپور ۾ ادا ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو