لاهورواقعي جي انڪوائري ۾ ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڏوهاري قرار

لاهورواقعي جي انڪوائري ۾ ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڏوهاري قرار

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي حڪم تي ڀاٽي جي علائقي ۾ فوت ٿي ويل عورت جي مڙس تي تشدد جي معاملي تي انٽرنل ڪائونٽيبلٽي برانچ انڪوائري مڪمل ڪري ورتي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته انڪوائري ايڊيشنل آءِ جي عمران محمود، ڊي آءِ جي ناصر عزيز ورڪ ۽ ڊي آءِ جي عمران ڪشور جي رپورٽ موجب ايس پي ۽ ايس ايڇ او بيان ۾ چيو ته آفيسرن غلام مرتضيٰ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. غلام مرتضيٰ کي تشدد جو نشانو به بنايو ويو هو.انڪوائري ۾ ايس پي سٽي بلال ۽ ايس ايڇ او ڀاٽي ڏوهاري قرار ڏنا ويا. ايس پي ۽ ايس ايڇ او عورت جي مڙس غلام مرتضيٰ کي واقعي واري هنڌان کڻي ٿاڻي کڻي ويا، ٻنهي آفيسرن غلام مرتضيٰ سان گڏ ايندڙ ٻين مائٽن کان پڇاڳاڇا نه ڪئي، ۡنهي پوليس آفيسرن فوري طور تي ڇوڪري جي والد کي فون ڪري ڇڏيو. ٻنهي ڄڻن غلام مرتضيٰ سان گڏ ايندڙ سندس مائٽ کي به ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو.انڪوائري رپورٽ موجب ٻئي پوليس آفيسر غلام مرتضيٰ کي ايس يڇ او جي ڪمري ۾ تشدد ڪندا رهيا. ايس ايڇ او جي ڪمري ۾ لڳل ڪيمرا جي وڊيو مان به شهادتون حاصل ڪيون ويون آهن. غلام مرتضيٰ کي پوڻا 5 ڪلاڪ غيرقانوني طور تي حراست ۾ کيو ويو. انڪوائري ٽيم شور ڪوٽ وڃي غلام مرتضيٰ جو بيان به رڪارڊ ڪري ورتو. غلام مرتضيٰ بيان ڏنو ته پوليس آفيسر منهنجي مٿان زال کي قتل ڪرڻ جو الزام قبول ڪرڻ جو دٻاءُ وجهندا رهيا.انڪوائري رپورٽ موجب ٻنهي پوليس آفيسرن غير پيشوارانه طريقي سان واقعي کي مس هينڊل ڪيو، انڪوائري رپورٽ ۾ ٻنهي پوليس آفيسرن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. انڪوائري رپورٽ آءِ جي پنجاب کي پيش ڪئي وئي آهي جيڪو رپورٽ پنجاب جي وزيراعليٰ ڏانهن اماڻيندو.ميڊيا تي غلام مرتضيٰ تي تشدد جي خبر نشر ٿيڻ کان پوءِ ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو هو، جوابدار پوليس آفيسرز چيو ته اسان کي ريسڪيو ۽ ٻين ادارن چيو هو ته هتي عورت جو ٻڏڻ ناممڪن آهي. جوابدار پوليس آفيسرن موجب انهي لاءِ اسان شڪ ۾ غلام مرتضيٰ کي ٿاڻي تي وٺي ويا هئاسين.

پهنجو تبصرو موڪليو