اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار بنگلاديشي پرڏيهي وزير محمد توحيد حسين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو ويو.پرڏيهي آفيس موجب، اسحاق ڊار ۽ توحيد حسين باهمي لاڳاپن، واپار، اقتصادي تعاون تي بحث ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ بين الاقوامي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفادن ۽ علائقائي امن ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.










