اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سان مفتي اعظم پاڪستان مفتي منيب الرحمان جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي.گهرو وزير محسن نقوي ملڪ ۾ امن جي قيام ۽ استحڪام جي لاءِ مفتي منيب ۽ ٻين عالم سڳورن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي وفد کي انهن جا مسئلا حل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو.ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته مسئلن جي حل جو جائزو ورتو ويندو ۽ فوري حل جي لاءِ قدم کنيا ويندا. مملڪتي وزير طلال چوڌري جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي. مفتي منيب الرحمان ۽ ٻيا عالم به انهي ڪميٽي جو حصو هوندا. ڪميٽي مسئلن جي حل لاءِ عمل جوڳي حل لاءِ سفارشون پيش ڪندي.محسن نقوي چيو ته مفتي منيب الرحمان سڀني جي لاءِ احترام جوڳو آهي ۽ هميشه اتحاد، اتفاق ۽ يڪجهتي جي ڳالهه ڪندو آهي. مفتي منيب الرحمان سڀني کي گڏ ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪندو آهي. اسان سڀ هڪ آهيون ۽ سڀني کان پهريان پاڪستان آهي.طلال چوڌري چيو ته عالمن جون پاڪستان جي لاءِ خدمتون تعريف جوڳيون آهن. مفتي منيب الرحمان ملڪ جي سالميت، ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ به دعا ڪئي.وفد ۾ علامه لياقت حسين اظهري، مفتي عابد مبارڪ المدني ۽ ملڪ محمد ابراهيم شامل هئا. وفاقي گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا، آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي ۽ ٻيون اختياريون به انهي موقعي تي موجود هيون.










