خواجه آصف جو 18 ترميم بابت بيان تي پ پ ناراض، وضاحت طلب

خواجه آصف جو 18 ترميم بابت بيان تي پ پ ناراض، وضاحت طلب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي دفاع واري وزير خواجه آصف جي ارڙهين ترميم بابت ڏنل بيان تي حڪومت کان وضاحت گهري ورتي آهي.قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته ڪالهه خواجه آصف گل پلازه سانحي تي جيڪا ڳالهه ڪئي ۽ انهي سان گڏ هو ارڙهين ترميم کي به کڻي آيو،(ن) ليگ جي پارلياماني اڳواڻ جي بيان کي اسان حڪومت جو پاليسي بيان سمجهنداسين.هن چيو ته ملڪ سان گهڻا تجربا ڪيا ويا، هر تجربي سان ملڪ کي اڌ ڪيو ويو، وفاق کي درخواست آهي ته هاڻ تجربا ڪرڻ بند ڪيا وڃن. هن چيو ته اوهان صوبن کي ڏنل وسيلا به واپس وٺڻ چاهيو ٿا، صوبا ڪيئن صحت، تعليم جا پئسا ڪٽي وفاق کي ڏيندا ته هو قرض کڻي سگهي ۽ واپس ڪري سگهي.نويد قمر چيو ته ڇا اوهان 60-70 جي ڏهاڪي کان اڃان تائين نه نڪري سگهيا آهيون، پنهنجي سياست کي چمڪائڻ جي لاءِ ملڪ جي مستقبل کي خطري ۾ نه وجهو.

پهنجو تبصرو موڪليو