اتر وزيرستان (ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان جي خوشحالي علائقي ۾ هڪ پل کي بارود سان اڏايو ويو، پوليس موجب نامعلوم ماڻهن پل جي هيٺان بارود نصب ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته پل جي تباهي سبب ڪيترائي ڳوٺ مير علي کان زميني رابطو ڪٽيل آهن.واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن جڏهن ته جاچ جاري آهي.










