اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سموري ملڪ ۾ رحمتن ۽ برڪتن واري رات انتهائي عقيدت، احترام سان ملهائي وئي. شب معراج تي سموري ملڪ جي مسجدن ۾ محفلن ۽ خصوصي عبادتن جو اهتمام ڪيو ويو. درود سلام ۽ نعت خواني جون محفلون ٿيون. نفل به ادا ڪيا ويا.عالم سڳورن معراج واقعي ۽ انهي جي فضيلت تي روشني وڌي. ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ مسلمان امت جي لاءِ خصوصي دعائون به گهريون ويون.شب معراج اها رات آهي جڏهن الله رب العزت پنهنجي حبيب نبي ڪريم حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم کي معراج جو شرف ۽ پنج نمازن جو تحفو عطا ڪيو.حضور اڪرم صه انهي رات مسجد الحرام کان مسجد اقصيٰ تائين جو سفر ڪيو جتي سمورن نبين اوهان صه جي پٺيان نماز ادا ڪئي پوءِ نبي ڪريم صه آسمانن ۾ الله تعاليٰ سان ملاقات ڪرڻ جي لاءِ روانا ٿي ويا. انهي واقعي کي قرآن ڪريم جي سورت اسرا سيپارو نمبر 15 جي شروعاتي آيتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.معراج جي سفر جي دوران رسول ڪريم صه کي جنت ۽ دوزخ ڏيکاريا ويا اوهان جي ملاقات مختلف نبين سان به ملاقات ٿي. انهي سفر ۾ امت محمديه صه تي نمازون به فرض ٿيون اهوئي سبب آهي ته انهي رات خصوصي عبادتن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي.










