اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ليوي وڌائي عوام کي پيٽروليم شين تي رليف کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.حڪومت عوام کي پيٽروليم تي 4.65 رپيا في ليٽر جي رليف کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊيزل تي ليوي ۾ به 80 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.ليوي وڌائي قيمتون گهٽائڻ بدران، وفاقي حڪومت انهن کي برقرار رکيو آهي.پيٽروليم ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب، في ليٽر پيٽرول تي ليوي ۾ 4.65 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا 79.62 رپين کان وڌي 84.27 رپيا ٿي وئي آهي.في ليٽر ڊيزل تي ليوي ۾ 80 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا 75.41 رپين کان وڌي 76.21 رپيا ٿي وئي آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته 16 جنوري کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري گهٽتائي ڪرڻ بدران انهن کي برقرار رکيو ويو آهي.










