اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 21 جنوري تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پارلياماني معاملن واري وزارت صدر کي سمري موڪلي ڇڏي آهي. 21 جنوري تي صبح 10:30 وڳي گڏيل اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گڏيل اجلاس ۾ منظوري لاءِ ڪل 29 بل پيش ڪيا ويندا.18 خانگي ۽ 11 سرڪاري بل منظوري لاءِ پيش ڪيا ويندا، 24 بل صدر جي منظوري کانسواءِ واپس ڪيا ويا ۽ گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا. ذريعن موجب، اجلاس ۾ پنج نوان بل پيش ڪيا ويندا، جن ۾ صحافين جي تحفظ جو بل، گهريلو تشدد جو بل، ۽ مختلف يونيورسٽين جا خانگي ۽ سرڪاري بل شامل آهن.قومي انساني حقن جي ڪميشن ترميمي بل سميت ٻيا اهم بل پڻ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا.










