ڪي پي پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، 2 خارجي مارجي ويا

ڪي پي پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، 2 خارجي مارجي ويا

ڊيره اسماعيل خان: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڇڏيو جنهن تي جوابي ڪارروائي ۾ 2 خوارج مارجي ويا.رپورٽ موجب ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ۾ اڻچاتل دهشتگردن رات دير سان پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو جنهن کان پوءِ پوليس طرفان جوابي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان سخت فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي.پوليس دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائيندي 2 خوارجين کي ماري ڇڏيو. ڊي پي او ڊيره سجاد احمد صاحبزاده موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس جو هڪ جوان به معمولي زخمي ٿي پيو آهي.حملي جي اطلاع ملندي ئي ڊي پي او ڊيره سجاد احمد صاحبزاده ٻين پوليس آفيسرن ۽ نفري سان گڏ پاڻ واقعي واري هنڌ پهتو. هن چيو ته جوانن دليري ۽ جوان مردي سان حملو ناڪام ڪيو جنهن سان پوليس جو حوصلو بلند ٿيو آهي.هوڏانهن بنون سينٽرل جيل جي چيڪنگ پوائنٽ تي موجود پوليس جوانن تي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن دستي بم سان حملو ڪيو پر واقعي ۾ ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جي اطلاع نه ملي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو