چاهيان ٿو ته هر پوليس آفيسر جي پگهار بهتر هجي:  نقوي

چاهيان ٿو ته هر پوليس آفيسر جي پگهار بهتر هجي: نقوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پوليس آفيسرن جي مالي مشڪلاتن کي گهٽائڻ لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن، هو چاهي ٿو ته هر آفيسر جي پگهار بهتر ڪئي وڃي.
محسن نقوي اسلام آباد ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو ڪيو ۽ اتي مرمت جي ڪم جو معائنو ڪيو. هن ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي محمد ادريس کي ضروري هدايتون پڻ ڏنيون.
گهرو وزير محسن نقوي اي ايس پيز ان ٽريننگ کي خطاب ڪندي چيو ته اي ايس پيز ان ٽريننگ کي پاسنگ آئوٽ تي پلاٽ ڏنا ويندا، موجوده پوليس بيچ کي بين الاقوامي معيار مطابق تيار ڪيو ويندو، ۽ اي ايس پيز ان ٽريننگ کي هڪ مهيني جي تربيت لاءِ بيجنگ موڪليو ويندو.
هن چيو ته اي ايس پيز جي تربيت ۾ جديد گهرجن مطابق تربيتي ماڊيول متعارف ڪرايا ويندا ۽ آفيسرن جي پيشيورانه قابليت ۽ عملي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.
محسن نقوي چيو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن جي سهڪار سان آفيسرن لاءِ جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ آفيسرن جي ترقي جا مسئلا حل ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو