راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) ڳالهين جي ڪاميابي کان پوءِ، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀينرن اڊيالا جيل فيڪٽري ناڪا تي جاري ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.پوليس سان ڳالهين کان پوءِ، عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان پنهنجي ٻن ڀينرن سان گڏ هلي وئي. عليمه خان ۽ سندس ڀينرون پنهنجين گاڏين ۾ هليا ويا. ڌرڻي ۾ شامل ڪارڪن به پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويا.ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني سان ملڻ جي اجازت نه ملڻ کان پوءِ، سندس ڀيڻ عليمه خان 11 ڪلاڪن تائين فيڪٽري ناڪا تي ڌرڻو ڏنو. ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا، شوڪت بسرا، شاهد خٽڪ ۽ ٻيا به شامل هئا.










