بنون امن ڪميٽي جي ميمبرن تي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

بنون امن ڪميٽي جي ميمبرن تي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

بنون (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ امن ڪميٽي تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ چار ماڻهو مارجي ويا.
پوليس موجب، بنون جي هويد علائقي ۾ دهشتگردن امن ڪميٽي جي ميمبرن تي فائرنگ ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته امن ڪميٽي جا ميمبر گلبدين لنڊائي ڊاک ۾ هڪ جرڳي کان واپس اچي رهيا هئا ته دهشتگردن انهن تي گهيرو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ چار ماڻهو مارجي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن ۾ پيءُ ۽ پٽ به شامل آهن.
پوليس موجب واقعي کانپوءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو، جڏهن ته فوت ٿيلن جا لاش ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو