اسلام آباد: (بيورو رپورٽ ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اڄ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي سنڌ جي دوري جو آخري ڏينهن آهي، سنڌ حڪومت بدمزگي پيدا نه ڪري. بيرسٽر گوهر پنهنجي بيان ۾ چيو ته سومر تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي واپسي آهي. سنڌ حڪومت آخري ڏينهن بدمزدگي پيدا نه ڪري، مهرباني ڪري سٺي ماحول کي هلڻ ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته جلسو مقرر وقت ۽ هنڌ تي قانون موجب جمهوري طريقي سان ٿيندو. اهو جلسو ڪنهن جي خلاف نه پر پنهنجي حقن جي لاءِ ٿيندو.










